حفيظ جالنڌري

حفيظ جالنڌري

جالنڌري حفيظ

جـالنڌري حـفيـظ: نـاميارو شـاعر، پاڪستان جي قومي تراني جو خالق حفيظ جالنڌري 1900ع ۾ جالنڌر ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم جالنڌر مان ئي حاصل ڪيائين. ٻي عالمي جنگ واري زماني ۾ پبلسٽي آفيسر مقرر ٿيو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ پاڪ فوج ۾ ’ڊائريڪٽر جنرل آف مورالز ۽ ڪشمير معاملا‘ مقرر ٿيو. شاعر جي حيثيت ۾ نظم ۽ غزل تي دسترس رکندو هو. سندس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاڪستان طرفان کيس ’هلال امتياز‘ ۽ صدارتي تمغو بـراءِ حـسـن ڪـارڪـردگـي مـليـو. سـندس ڪـتابـن ۾ سـڀ کان اهم ڪتاب ’شاهنامه اسلام‘ آهي، جيڪو چئن ڀاڱن ۾ شايع ٿيو. سندس نظمن، گيتن ۽ غزلن جا مجموعا به شايع ٿيا جن ۾: ’تمغه زار‘، ’سوز و ساز‘، ’تلغابه شيرين‘ ۽ افسانن جو مجموعو ’هفت پيڪر‘ شامل آهن. پاڪستان جو ترانو به سندس لکيل آهي، هن ٻارن لاءِ نظم به لکيا. هو ڪيترو وقت خيرپور رياست ۾ مير علي نواز ٽالپر جي درٻار ۾ پڻ رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.00.00  عيسوي

جـالنڌري حـفيـظ: نـاميارو شـاعر ، پاڪستان جي قومي تراني جو خالق حفيظ جالنڌري 1900ع ۾ جالنڌر ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راڻو روپاڙسنگهه
زاهد ميراڻي
اشرف بلوچ 2
بيکارام ديوراجاڻي ڊاڪٽر
بيگم عبدالله چنا
جِم جِي شيفر
جهان خان کوسو مسڪين
ثناءالحق صديقي مولوي
سردار بهادر محمد بخش ڪوجھي
رياض منگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون